پيلا گُل پلاند ۾

پيلا گُل پلاند ۾

پيلا گل پلاند ۾

پيلا گُل پلاند ۾ (ڪتاب): هي ڪتاب نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعر اياز گُل جي غزلن جو مجموعو آهي، جنهن جي مهاڳ ۾ ناليواري دانشور محمد ابراهيم جويي، هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ” اياز گل جو هيءُ سنڌي غزلن جو دلپذير ننڍو مجموعو، اڄ اسين اُهڙي ئي هڪ پنهنجي اسرندڙ، زنده دل ۽ سجاڳ ذهن شاعر جو، پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪو زندگيءَ جي روح سان، اسان مان گهڻن کان وڌيڪ، عشق رکندڙ آهي، ۽ موسيقيءَ جو خالق آهي. (جيڪا موسيقي غزل جي وسيلي به خلقي سگهجي ٿي) ۽ جيڪو اسان جي آئيندي جي خوابن جا خواب لهندڙ آهي ۽ اُهي اسان کي دلڪش لفظن ۾ ٻڌائي ٿو ته، جيئن اسان جي دنيا ۾ به ڪا هلچل پيدا ٿئي ۽ ان ۾ به ڪا اٿل پٿل اچي سگهي“.
هن ڪتاب ۾ اياز گل جا 67 غزل آهن. هي ڪتاب سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد پاران ڊسمبر 1980ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. ڪچي جلد سان، 80 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو